اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نومبر ۽ آڪٽوبر ۾ مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. هن شهيدن کي ملڪ تي جان نڇاور ڪرڻ تي قوم پاران خراج عقيدت پيش ڪ??و. ??يوان صدر جي پريس ونگ موجب ٽيليفونڪ رابطي ۾ صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته قوم جي خاطر پنهنجي پيارن جي قرباني ڏيڻ تي قوم شهيدن جي خاندانن جي ٿورائتي رهندي. صدر 6 نومبر تي سندا پل، خيبرپختونخواهه ۾ حملي جي نتي??ي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر عارف علوي نائيڪ خوشدل خان، لانس نائيڪ عبدالقدير خان ۽ رفيق خان جي گهرڀاتين سان پڻ رابطو ڪ??و. ??در 29 آڪٽوبر تي ضلعي آواران، بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ نائب صوبيدار آصف عمران ۽ سپاهي عرفان ع??ي کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪ??و. ??در ڊاڪٽر عارف علوي 18 آڪٽوبر تي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي آسمان منزه ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي فرمان علي جي وارثن کي پڻ ٽيليفون ڪيو. هن شهيدن جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار، شهيدن جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران نومبر ۽ آڪٽوبر ۾ مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ