اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پشاور ۾ وارسڪ روڊ تي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪ??دي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم قانون لاڳو ڪ??دڙ ادارن کي واقعي جي جاچ جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته دهشتگردن جي پاڪستان جي امن تباهه ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسي??، ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين. هن يقين ڏياريو ته واقعي جي ذميوارن جي جلد کان جلد نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏياري ويندي. نگران وزيراعظم ڌماڪي ۾ زخمي ٿي??دڙ ٻارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر