اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ جي وڌندڙ بحران کان بچائڻ جي لاءِ زراعت ۾ ڊرپ ۽ اسپري ايريگيشن جهڙن پاڻي جي گهٽ خرچ ۽ سمارٽ طريقن کي استعمال ڪرڻ جي ??رورت آهي، زرعي شعبو ملڪ جو اٽڪل 95 سيڪڙو پاڻي استعمال ڪري ٿو جنهن جي لاءِ پاڻي جي ??ستعمال ۾ بچت جي ??والي سان فوري منصوبابندي ۽ سڌارا ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ منعقد موسمياتي لحاظ کان لچڪدار پاڪستان ۾ پاڻي ۽ خوراڪ جي نظام جي لاءِ تبديلي جي ??ستي جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ خطاب ۾ ڪيو. ڪانفرنس جو اهتمام انٽرنيشنل واٽر مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ، پاڪستان ڪائونسل ريسرچ واٽر ريسورسز، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اين?? ريسرچ واري وزارت، پاڻي وسيلن واري وزارت، موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ يونيسيف ڪيو جنهن ۾ عالمي ۽ مقامي پاڻي ماهرن شرڪت ڪئي. پنهنجي ??طاب ۾ صدر چيو ته پاڪستان کي پنهنجي موجوده پاڻي وسيلن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ موثر انتظام جي ??رورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ دنيا جي 10 سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان کي درپيش پاڻي جو بحران سڀ کان اهم چئلينجن مان هڪ آهي جيڪو آبادي ۾ تيزي سان اضافي، شهرن جي ڦهلاءُ، صنعتڪاري، پاڻي وسيلن جي کوٽ، ماحولياتي بگاڙ، موسمياتي تبديلين ۽ غيرمعقول انساني روين جي ڪري وڌي ٿو. هن هيٺئين سطح تي جديد زرعي ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تحقيق ۽ فني جدت تي زور ڏنو ۽ چيو ته آبادگارن کي پاڻي جي ??حفظ، برسات جي پاڻي کي زخيرو ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ٽيڪنالاجي ??ابت آگاهي ڏيڻ جي ??رورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪميونٽي جي ??موليت ۽ قانونن جو نفاذ پاڻي جي موثر انتظام ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان جا آبادگار آبپاشي جي ??وايتي طريقن تي دارومدار ڪن ٿا جنهن سان پاڻي ضايع ٿئي ٿو جڏهن ته دنيا ڊرپ ۽ اسپري آبپاشي ۽ پاڻي جي ??ي سائيڪلنگ تي عمل ڪري ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن آبادگار متبادل فصل جي چونڊ ڪن ته جيڪو پاڻي جي ??ستعمال جي ??والي سان گهٽ خرچ ٿئي ته فرق پئجي ??گهي ٿو. ان موقعي تي صدر هالينڊ جو حوالو ڏنو جيڪو زميني ڪاٿي ۾ پاڪستان کان 19 ڀيرا ننڍو ملڪ آهي پر بهتر طريقا استعمال ڪري خوراڪ جي مصنوعات جو ٻيو وڏو برآمد ڪندڙ بڻجي ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي روين ۾ تبديلي تي زور ڏيندي چيو ته پاڻي جي ??ستعمال جا اهڙا طريقا اختيار ڪيا وڃن جيڪي سستا ۽ فني طور تي بهتر هجن. پاڻي جي ??يان کان بچڻ جي لاءِ زراعت ۽ شهري علائقن ۾ پاڻي جي قيمتن جو تعين ضروري آهي. هن چيو ته اسان کي ٽيلي ميٽري سسٽم کي بهتر بڻائڻو آهي ۽ پاڻي جي منصفاڻي استعمال تي صوبن جي وچ ۾ اعتمادسازي جو نظام تيار ڪرڻو آهي، ان ڏس ۾ سيٽلائيٽ ٽيلي ميٽري سسٽم مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن نشاندهي ڪئي ته واٽر پمپنگ پاڻي ذخيرن جي ??طح ??ي متاثر ڪيو آهي ۽ ان جي کوٽ کان بچڻ جي لاءِ روايتي پاڻي ذخيرن ک?? ري چارج ڪرڻ جي ??ريقن جي ??رورت تي زور ڏنو. صدر صنعتي گندڪچري کي سمنڊ ۾ ڇڏڻ کان بچڻ جي لاءِ پاڻي جي نيڪالي جي موثر نظام جي ??رورت تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر ريسورسز ڊاڪٽر حفضه رشيد، انٽرنيشنل واٽر مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ ما?? ڊاڪٽر بنيود هوماتوف ۽ ڊاڪٽر جوآن ڪارلوس سانچيز راميرز، انٽرنيشنل فوڊ پاليس?? ريسرچ انسٽيٽيوٽ ما?? ڊاڪٽر اسٽيفن ڊيوس ۽ آسٽريلين سينٽر فار انٽرنيشنل ايگريڪلچرل ريسچر ما?? ڊاڪٽر نيل لازارو پڻ خطاب ڪيو.
پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ جي وڌندڙ بحران کان بچائڻ جي لاءِ سمارٽ طريقن کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔