اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) قومي خابرو اداري ا??سوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ا??تمام هيٺ ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سان قومي ميڊيا جي لاءِ ضابطه اخلاق جي حوالي سان هڪ ڏينهن وارو تربيتي سيشن منعقد ڪيو ويو. تربيتي سيشن جو مُکيه مقرر سينيئر صحافي متين حيدر ڪئي، سيشن ۾ اي پي پي جي رپورٽرز، ڪئميره مين، نيوز ايڊيٽرز شرڪت ڪئي. متين حيدر عام چونڊن جي ڪوريج دوران صحافين جي لاءِ تجويزن ۽ ضابطه اخلاق بابت بريفنگ ڏني. هن چيو ته هڪ رپورٽر کي سدائين ٺوس نوٽس وٺڻ گهرجن يا چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار جي تقرير کي عوامي سطح تي جلسن ۾ رڪارڊ ڪرڻ گهرجي ته جيئن بيانن ۾ ڪو ابهام نه رهي. هن چيو ته نمائندن کي عوام سان اميدوارن جي ا??هن ملاقاتن ۾ ايندڙ سائيڊ اسٽوريز تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي، سائيڊ اسٽوريز ۾ عوام، ڪارڪنن، تجربيڪار اڳواڻن ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال جا خيال هجڻ گهرجن. سينيئر صحافي متين حيدر خيال ظاهر ڪيو ته اسٽار رپورٽر بڻجڻ جي لاءِ صحافي کي تنقيدي سوال به پڇڻ گهرجن پر تڪراري نه. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو رپورٽر سوال نٿو پڇي سگهي ته ان کي فيلڊ ۾ نه پر نيوز ڊيسڪ تي رهڻ گهرجي. هڪ رپورٽر کي ا??يڪشن ڪميشن (اي سي پي)، پارٽي اڳواڻن ۽ سياستدانن جي پريس بريفنگ ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هڪ رپورٽر کي ا?? سي پي کان پڇڻ گهرجي ته ڇا ڪنهن سياستدان ڪنهن خدشن بابت ساڻن رابطو ڪيو آهي. هن چيو ته ڪڏهن به خبر ڏيڻ وقت ذريعن جي اعتماد کي ڪڏهن نه ٽوڙيو. اليڪشن کان اڳ ۽ بعد ۾ اليڪشن ڪميشن ڪمشنر، ڊي جيز سان ڳالهه ??ري??، اهو سمجهڻ جي ڪوشش ??ري?? ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جي لاءِ ڇا ٿي شيئ?? ڪري ته جيئن رپورٽر پاران شيئر ڪيل معلومات ۾ وضاحت ٿي سگهي. هن چيو ته ميڊيا جو ڪردار واچ ڊاگ وانگر آهي ۽ رپورٽر کي ا??و به معلوم هجڻ گهرجي ته اليڪشن ڪميشن جي قاعدن موجب چونڊن ۾ اميدوارن جي خرچن جي حد هوندي آهي. هن چيو ته ميڊيا کي مرڪزي ڌارا جي ا??يدوارن جا انٽرويو ڪرڻ گهرجن ۽ اهم سوال پڇڻ گهرجن. هن چيو ته هڪ رپورٽر کي چونڊن بابت پارٽين ۽ عوام جي خيالن جي لاءِ انهن سان رابطو ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪنهن موقعي تي هو ڪو توهين آميز لفظ کڻي اچي ٿو ته ان کي سينس?? ڪرڻ گهرجي، تجزياتي ا??ٽرويو ??ري??، غيرملڪي مبصرن سان انهن جي خيالن جي لاءِ رابطو ??ري?? ۽ غيرجانبداري کي برقرار رک??، سدائين اهڙيون تصويرون ڪڍو جن ۾ سرگرمي جي مثبت تصوير هجي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو رپورٽر سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ڪنهن به خبر سان گڏ اچي ٿو ته احتياط، انتهائي احتياط سان ان کي منهن ڏيو ۽ ان جي صحيح طريقي سان تصديق ??ري??، چُونڊن واري ڏينهن شين کي مثبت طور تي اجاگر ??ري?? ۽ عوامي راءِ حاصل ??ري??، انساني دلچسپي جي ڪهاڻين جي کوج ??ري??. هن چيو ته ڪڏهن به اهڙي شرٽ نه پايو جنهن تي ڪنهن سياسي پارٽي جو لوگو هجي. هن چيو ته خبرن جي رپورٽنگ ڪرڻ وقت سدائين ساک جو خيال رک??، ڪڏهن به نفرت نه ڦهلايو ڇو ته اسان جو ڪم هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ آهي، رپورٽنگ ڪرڻ وقت پنهنجي ا??ليتن جو احترام ??ري??. واضح رهي ته متين حيدر جي ٽي وي نيٽ ورڪ ۾ سينيئر تجزيه نگار ۽ اينڪر پرسن آهي. هو اعليٰ ميڊيا هائوسز سان ڪم ڪندي صحافت ۾ اٽڪل 30 سالن جو تجربو رک?? ٿو. هو سڄي پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهائڻ جو 15 سالا تجربو پڻ رک?? ٿو. هڪ صحافي جي حيثيت سان هن 1990ع کانپوءِ پاڪستان ۾ ڪي??ري?? ئي عام چونڊن جي ڪوريج ڪئي آهي.
اي پي پي پاران عام چونڊن جي حوالي سان قومي ميڊيا جي لاءِ ضابطه اخلاق جي حوالي سان هڪ ڏينهن وارو تربيتي سيشن منعقد
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس