لاهور-08 فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف چيو آهي ته مل?? جا مسئلا حل ڪرڻ آهن ته هڪ پ??رٽي کي اڪثريت مل?? ضروري آهي. خميس ڏينهن لاهور ۾ ووٽ ڪ??سٽ ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام گهرن مان نڪري ۽ ووٽ ڪ??سٽ ڪري. انشاءُ الله مهانگائي جو خاتمو ٿيندو ۽ ماڻهو خوشحال زندگي گذاري سگهندا. اها ئي ماڻهن جي خواهش آهي ۽ ان خواب کي پورو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جي منشور ۾ سڀ شيون تفصيل سان لکيل آهن ته عوام جا حق سندن در تائين پهچايا ويندا. مريم نواز کي پنجاب جي وزيراعليٰ بڻائڻ جي سوال تي ليگي قائد چيو ته پارٽي لاءِ مريم نواز ۽ شهباز شريف جون وڏيون قربانيون آهن، مريم جو نتيجي کانپوءِ فيصلو ٿيندو، ??هو پارٽي فيصلو ڪندي، بنا شڪ جي شهباز شريف ۽ مريم جون پارٽي لاءِ بي پناهه قربانيون ۽ جدوجهد آهي.
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج