اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چي?? آهي ته اڊيالا جيل واري صاحب جي ??ور ۾ پاڪستان اڪيلائپ جو شڪار هو، هاڻي اهو معاملو ختم ٿي چڪو آهي، پرڏيهي پاليسي جي ??لاف ڳالهيون ڪندڙ ماضي جو قصو بڻجي چڪا آهن، انهن پنهنجي ??ات جي ??اطر ملڪ کي سدائين نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، عوام نفرت ۽ ورڇ جو بيانيو رد ڪري ڇڏيو آهي. قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته گم ٿيل ماڻهن جي ??والي سان قانون واري وزير تفصيلي روشني وڌي آهي، دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن جا ان بابت شديد خدشا آهن، انهن ماڻهن ملڪ جي ??اطر جانيون قربان ڪيون آهن. هن چي?? ته 2011ع ۾ سپريم ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت انڪوائري ڪميشن جوڙي هئي جنهن تحت 10023 ڪيسز مان 7900 ڪيس حل ٿي چڪا آهن، رڳو 23 سيڪڙو ڪيس التوا هيٺ آهن. هن چي?? ته حڪومت ان حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، اسان جي نيت ان مسئلي کي حل ڪرڻ آهي. هن چي?? ته قانون واري وزير ماضي جي ??ڪومت ۾ به ان تي ڪم ڪيو، ٻيهر به ان تي ڪم ٿي رهيو آهي. ضمني چونڊن جي نتيجن جي ??والي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته ضمني چونڊن ۾ ڌانڌلي جو ڍنڍورو پٽيو ويو پر الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان مسلم ليگ (ن) ضمني چونڊن ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان جي ??وام تحريڪ انصاف جي ڪوڙ، تشدد، دفاعي ادارن جي ??لاف بيانيي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چي?? ته ضمني چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي ووٽرز سميت ٻين پڻ مسلم ليگ (ن) کي ووٽ ڏنو. هن چي?? ته ضمني چونڊن جي ??فافيت تي ڪير به آڱر نه ٿو کڻي سگهي، ضمني چونڊن 8 فيبروري جي چونڊن جي ??والي سان به شڪ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن چي?? ته محمد نواز شريف سان ماڻهن جي وڏي محبت آهي، عوام شهباز شريف جي معاشي سڌارن ۽ پنجاب ۾ خدمت جي ??ياست کي ووٽ ڏنو آهي. هن چي?? ته نفرت، منافقت ۽ ڪوڙ تي ٻڌل بيانيو رد ٿي چڪو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته بشريٰ بي بي جي ??حت جي ??والي سان تحريڪ انصاف کل جوڳي پروئگنڊه ڪري رهي آهي، بشريٰ بي بي جون سموريون طبي ٽيسٽون صحيح آيون، هوءَ صحتمند آهي. هن چي?? ته جيڪڏهن بشريٰ بي بي جي ??حت جي ??والي سان ڪي خدشا آهن ته کلي ٻڌايو وڃي، جڏهن بشريٰ بي بي جون ٽيسٽون ڪيون وڃن ٿيون ته هوءَ صحتمند ظاهر ٿئي ٿي. هن چي?? ته پي ٽي آءِ ڪوڙ تي ٻڌل مهم هلائي رهي آهي ته بشريٰ بي بي جي ??ندگي کي خطرو آهي. هن چي?? ته هي پيرانايو کان ٻاهر نڪرن، اهي ڪڏهن دفاعي ادارن ۽ ڪڏهن سپهه سالار جي ??لاف ڳالهه ڪن ٿا، انهن قسم کڻي ڇڏيو آهي ته ملڪي دفاعي ادارن جي ??لاف ئي ڳالهه ڪرڻي آهي، انهن جو ڪوڙ بي نقاب ٿيندو پيو وڃي، انهن جو پيرانويا پوري قوم آڏو اچي رهيو آهي، اهي متضاد بيان ڏئي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هن چي?? ته پرڏيهي پاليسي تي ڪوبه ٺاهه نه ٿيندو، ڪنهن کي پاڪستان جي ??وست ملڪن يا پاڪستان جي ??پهه سالار جي ??لاف ڳالهه ڪرڻ نه ڏني ويندي. هن چي?? ته ملڪ ترقي طرف وڌي رهيو آهي جڏهن ته جيل ۾ ويٺل شخص کي نظر اچي رهيو آهي ته هو اڪيلو ٿي ويندو. هن چي?? ته ان شخص پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اسان پاڪستان جي ??المي سطح تي لاڳاپن ۽ ساک کي بحال ڪيو آهي. وفاقي وزير چي?? ته تازو ئي سعودي عرب جي ??عليٰ سطحي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ اربين ڊالر سيڙپڪاري جي ڳالهه ڪئي، ايران جي ??در ڪالهه 10 ارب ڊالر جي واپاري ڪاٿي جي ??والي سان ڳالهه ڪئي. هن چي?? ته پاڪستان جي ??سٽريٽجڪ حيثيت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اڊيالا جيل واري صاحب جي ??ور ۾ پاڪستان اڪيلائپ جو شڪار ٿي ويو هو، هاڻي اهو معاملو ختم ٿي چڪو آهي، دوست ملڪن سان اسان جا لاڳاپا وڌي رهيا آهن ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جي ڳالهه ٿي رهي آهي، ملڪ ترقي طرف گامزن ٿي رهيو آهي. هن چي?? ته اسٽاڪ مارڪيٽ ماضي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي چڪي آهي، ملڪ ۾ سازگار ماحول جي موجودگي جي ??ورت ۾ ئي اهو ممڪن ٿي رهيو آهي. هن چي?? ته ملڪ ۾ شهباز شريف جي قيادت ۽ ويزن تحت هڪ حڪومت موجود آهي جيڪا سنجيدگي سان معاشي سڌارا ڪرڻ چاهي ٿي. وفاقي وزير چي?? ته گذريل ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 74 سيڪڙو مٿي ويو. هن چي?? ته ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس پهريون ڀيرو 9 سالن ۾ 619 ملين ڊالر تي پهتو، آءِ ٽي روانگي واپار 306 ملين ڊالر تي پهچي چڪو آهي. هن چي?? ته سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري 20 مهينن جي ??ندر 285 ملين ڊالر تائين پهچي آهي. هن چي?? ته اهي سموريون شيون ان لاءِ مٿي ??ڃي رهيون آهن جو ملڪ ترقي طرف گامزن آهي ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري اچي رهي آهي، عالمي ادارا به اها ڳالهه ڪري رهيا آهن ته پاڪستان معاشي مسئلن تي ضابطو آڻي وٺندو. هن چي?? ته اسان پاڪستان جي نوجوانن کي ترقي ڏينداسين، ملڪ جي ??ءِ ٽي انڊسٽري سميت زراعت جي ??عبي کي فروغ ڏينداسين. هن چي?? ته ملڪ ۾ سازشي، ڪوڙ ۽ منافقت تي ٻڌل بيانيو رد ٿي چڪو آهي، پرڏيهي پاليسي جي ??لاف ڳالهيون ڪندڙ ماضي جو قصو بڻجي چڪا آهن، پي ٽي آءِ سائفر جو ڊرامو رچايو، دوست ملڪن جي ??ربراهن کي ڏنل تحفن کي وڪرو ڪيو. مشاهد الله خان مرحوم ٺيڪ ئي چي?? هو ته زمين وڪڻي ڇڏي، زمين وڪڻي ڇڏيو، هڪ قيدي منهنجو وطن وڪڻي ڇڏيو. هن چي?? ته پي ٽي آءِ جي ??ڳوڻي چيئرمين پنهنجي ??ات جي ??اطر ملڪ کي سدائين نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چي?? ته پاڪستان سڀ کان پهرين آهي، سياسي پارٽيون بعد ۾ آهن، ترقي پاڪستان جو مقدر آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي ٿيندي، سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. هن چي?? ته پاڪستان حڪومت ملڪ جي ??رقي جي لاءِ هر قدم کڻندي، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻاهرئين ملڪ مان وڌيڪ وفد پاڪستان اچي رهيا آهن. وزيراعظم جو سعودي عرب جو دورو پڻ اچي رهيو آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ??والي سان روشن امڪان موجود آهن، ان کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪنداسين ۽ پاڪستان کي ترقي جي ??ستي تي گامزن ڪنداسين. صحافين جي ??والن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته ڪابينا ڪميٽي گم ٿيل ماڻهن جي ??والي سان معاملي جي ??ل لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪندي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چي?? ته اي سي ايل جا قاعدا ۽ ضابطا موجود آهن ته ڪهڙن سببن جي ڪري نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ??ڃي يا ڪڍيو ??ڃي ٿو. گهرو ڊويزن جيڪڏهن ڪنهن جي ??فارش موڪلي ٿي ته ان تي قانون موجب عمل ٿئي ٿو. هڪ ٻئي سوال جي ??واب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته بجلي جي ??لن ۾ گهٽتائي آئي آهي، عيدالفطر جي موقعي تي حڪومت 3.82 رپين جي گهٽتائي ڪئي. هن چي?? ته حڪومت خرچن ۾ گهٽتائي ۽ نجڪاري تي ڌيان ڏئي رهي آهي. پي آءِ اي جي نجڪاري سان 800 ارب رپين جو خسارو ختم ٿيندو جنهن جو بار عوام ۽ حڪومت برداشت ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته حڪومت ٽيڪس سڌارن ۽ ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن طرف ??ڃي رهي آهي. سموريون شيون مثبت آهن، وقت سان گڏوگڏ حالتن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چي?? ته پوري دنيا جو پاڪستان تي اعتماد بحال ٿي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت موجود آهي جيڪا مسئلن کي حل ڪرڻ چاهي ٿي. هن چي?? ته اسان ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچايو، هاڻي هن ملڪ کي ترقي يافته بڻائينداسين ۽ هڪ اهڙي معيشت ٺاهينداسين جنهن تي دنيا ناز ڪري، اهو اسان جو مشن آهي ان کي جاري رکنداسين.
اڊيالا جيل واري صاحب جي دور ۾ پاڪستان اڪيلائپ جو شڪار هو، هاڻي اهو معاملو ختم ٿي چڪو آهي، پرڏيهي پاليسي جي خلاف ڳالهيون ڪندڙ ماضي جو قصو بڻجي چڪا آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : quina acumulada