بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ متبادل ت??انائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش آهي، متبادل ت??انائي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاور چائنا جي چيئرمين ڊنگ يانزانگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وز??ر خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وز??ر احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ، پاور وارو وفاقي وز??ر اويس احمد خان لغاري ۽ وز??راعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. وز??راعظم چيو ته متبادل ت??انائي جو نظام مضبوط ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۾ متبادل ت??انائي جي حوالي سان سيڙپڪاري جي وڏي صلاحيت آهي. هن چيو ته بجلي چوري جي حوالي سان ملڪ ۾ وڏيون ڪارروايو?? ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي پاور چائنا جي چيئرمين ڊنگ يانزانگ ساهيوال ڪول پاور پلانٽ جي تيز رفتار تعمير ۽ معيار کي ساراهيو ۽ هن پاڪستان ۽ پنجاب اسپيڊ جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحو?? ڪيون وينديون جنهن تحت پاڪستان ۾ بجلي پهچ جو نظام بهتر ۽ لائين لاسز کي گهٽ ڪي?? ويندو.
پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ