لنڊن – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اس??اق ڊار پاڪ برطانيا حصيداري کي مضبوط بڻائڻ ۾ 1.7 ملين برطانوي پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو آهي. نائب ??زيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار لا??ڊ چانسلر ۽ برطانيا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار جسٽس شبانه محمود سان ڳالهائيندي ڪيو. شبانه محمود ان عهدي تي مقرر ٿيندڙ پهرين مسلمان عورت آهي. نائب ??زيراعظم سينيٽر محمد اس??اق ڊار لا??ڊ چانسلر شبانه محمود کي سندس تاريخي مقرري تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سندس ڪاميابي سمورن مسلمانن خاص طور تي پاڪستانين جي لا??ِ فخر جوڳي آهي. نائب ??زيراعظم چيو ته هو لا??ڊ چانسلر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن ته جيئن ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي مفاد جي لا??ِ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ خصوصي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي. هن لا??ڊ چانسلر کي گڏيل طور تي مناسب تاريخ تي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. لا??ڊ چانسلر شبانه محمود مبارڪباد واري پيغام تي نائب ??زيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته متحرڪ پاڪستاني ??رطانوي ڪميونٽي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق جي لارڊ چانسلر ۽ برطانيا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار جسٽس شبانه محمود سان مُلاقات
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria