اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته اخبارن سميت ڄاڻ جا ذريعا ??عل??مات جي فراهمي ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هي اهي ذريعا آهن جيڪي شهرين کي مستند ۽ اعتماد جوڳي ??عل??مات پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اربع ڏينهن اخبار پڙهڻ جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آل پاڪستا?? نيوز پيپرز سوسائٽي، صحافي ۽ ميڊيا پروفيشنلز کي مبارڪون ڏيندي چيو ته درست ۽ حقيقتن ت?? ٻڌل خبرون معاشري ۾ سچائي، امن، استحڪام ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. پارليامينٽ هميشه آزاد ۽ ذميواراڻي صحافت کي هٿي ڏي?? لاءِ قانونسازي ڪئي آهي. اخبارون ڊجيٽل ميڊيا جي دور ۾ جعلي خبرن جي روڪٿام ۽ حقيقتن ت?? ٻڌل ??عل??مات جي فراهمي جو هڪ اهم ذريعو آهن. هن چيو ته اخبارون سياسي شعور اجاگر ڪرڻ ۽ شهرين کي سندن بنيادي حقن کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اخباري صنعت جي ترقي ۽ هٿي وٺرائ?? لاءِ آل پاڪستا?? نيوز پيپرز سوسائٽي جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي ته اسان سڀ پنهنجي ذميوارين کي آئين ۽ قانون موجب بهترين انداز ۾ ادا ڪريون.
ميڊيا معلومات جي فراهمي ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔