اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آ??ي، ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي وڌندڙ مهم جوئي جي شديد مذمت ڪري ٿو، شهري آبادين تي اسرائيل جي بي لگام حملن ۽ عالمي قانونن جي پائمالي ڳڻتي جوڳي حد تائين پهچي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري پڌرائي ۾ چيو آ??ي، ته گذريل ڪيترن ڏينهن کان اسرائيلي فوج لبنان ج?? خودمختياري جي ناقابل قبول ڀڃڪڙي، شهري آبادي جي مرڪزن کي مسلسل نشانو بنائڻ، ان جي استحڪام ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ ۾ مصروف آهي. پاڪستان اسرائيل جي جارحيت سبب متاثرن جي خاندانن ۽ لبنان جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو هن چيو ته لبنان ۾ حزب الله جي سيڪريٽري جنرل ک?? قتل ڪرڻ جو گذريل ڏينهن اسرائيل جو غير محت??ط عمل پهرين کان ئي عدم استحڪام جي شڪار خطي ۾ هڪ وڏو اضافو آ??ي. ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان جي عوام سان يڪجهتي ڪري ٿو. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آ??ي ته اسرائيل ک?? خطي ۾ ان مهم جوئي ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي کان روڪيو وڃي ۽ وچ اوڀر ۾ امن بحال ڪيو وڃي.
پاڪستان وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي وڌندڙ مهم جوئي جي مذمت ڪري ٿو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی