اسلام ??با??-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان آئيني ترميمن تي شروعاتي اتفاق ۽ گڏيل صلاح سان اڳيان وڌڻ جو جذبو جمهوريت جي فتح قرار ڏيندي چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن جي سچائي 18 ??ال?? کان پوءِ به ثابت ٿي رهي آهي. پ پ ميڊيا سيل مان جاري ڪيل بيان موجب شيري رحمان چيو ته اميد آهي ته سموريون سياسي ۽ جمهوري قوتون قوم کي اتفاق راءِ جو تحفو ڏينديون. ميثاقِ جمهوريت جي شروعات شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪئي، صدر زرداري ان تي عمل ڪرايو، بلاول ڀٽو زرداري 18 ??ال?? کانپوءِ ان اڌوري ايجنڊا جي مڪمل ٿيڻ جي عمل جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ميثاقِ جمهوريت جي اڌوري ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ ۾ بلاول ڀٽو زرداري تاريخي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ??ال??يون ئي جمهوريت جي اصل طاقت ۽ بند دروازن جي ڪُنجي آهي، آئيني ترميمن تي اتفاق جي سوچ ۽ جمهوريت جو جذبو ۽ پارليامينٽ جي بالادستي کي وڌيڪ مضبوط ڪن??و. عدل جي نظام جي اصلاح سان ڪروڙين پاڪستانين ۽ جيلن ۾ ??ال?? کان انصاف جي انتظار ڪن??ڙ قيدين کي انصاف جي وقت سر فراهمي سان رليف ملي سگهندو. هن چيو ته ملڪ ۽ قوم، آئين ۽ قانون ۽ جمهوريت اصولن لاءِ گڏيل ڪوششن ڪن??ڙ جمهوري قوتون ۽ پارٽيون تحسين لائق آهن.
آئيني ترميمن تي شروعاتي اتفاق ۽ گڏيل صلاح سان اڳيان وڌڻ جو جذبو جمهوريت جي فتح آهي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج