اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) وفاقي گھرو وزي?? محسن نقوي چيني سفارتخاني ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ سان ??لاقات ڪئي جنھن ۾ ھن ڪراچي ۾ گارڊ جي فائرنگ سبب ٻن چيني شھرين جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي افسوس جو اظھار ڪيو ۽ زخمي چيني شھرين ۽ سندن گھرڀاتين سان دلي ھمدردي جو اظھار ڪيو. گھرو وزي?? محسن نقوي واقعي جي تفصيلن ۽ جا?? ۾ ??ڳڀرائي بابت چيني سفير کي آگاهه ڪيو. گھرو وزارت جي ترجمان ??طابق گھرو وزي?? محسن نقوي چين جي سفير، چيني حڪومت ۽ زخمي چيني شھرين جي گھرڀاتين سان ??ڪمل يڪجھتي جو اظھار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي آھي. سندس چوڻ آھي ته اسان ترقي ۽ سيڪيورٽي کي جامع ڪرڻ جي چيني تصور سان ??وري طرح متفق آھيون، چيني شھرين ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ اسان جي پھرين ترجيح آھي. گھرو وزي?? محسن نقوي چيو ته سي پيڪ منصوبن جي سيڪيورٽي لاءِ سمورن امڪاني قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بھتر ۽ مضبوط پڻ بڻائي رھيا آھيون ته جيئن چيني شھرين لاءِ محفوظ ۽ پرامن ماحول کي يقيني بڻائي سگھون. گھرو وزير چيو ته اسان ڪراچي واقعي ۾ ملوث ڏوھارين ??ي انصاف جي ڪٽھڙي ۾ بيھارينداسين، پاڪستان ۽ چين مضبوط ۽ پائيدار شراڪتدار آھن. ملاقات دوران ايندڙ وقت ۾ اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق ٿيو. چيني سفير چيو ته گڏيل ڪوششن سبب پاڪ چين دوستي مسلسل بلندي ڏانھن وڃي رھي آھي ۽ عملي سھڪار ۾ جامع اڳڀرائي ٿي آھي، ان روشني ۾ ھڪ محفوظ ۽ مستحڪم سھڪار جو ماحول انتھائي اھم آھي. ھن چيو ته چين ٻطرفي سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ پاڪستاني ادارن جي صلاحيت?? ۾ ??ضافي لاءِ تيار آھي. چيني سفير چين جي وزيراعظم جي پاڪستان دوري جي موقعي تي شاندار انتظامن تي گھرو وزي?? محسن نقوي جو شڪريو ادا ڪيو. چيني سفير صدر مملڪت آصف علي زرداري جي صحت بابت پڻ پڇيو ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو. چيني سفير ٻڌايو ته چيني صدر شي جن پنگ پاڪستان جي صدر کي خط لکي نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو آھي. وفاقي گھرو سيڪريٽري ۽ چيني سفارتخاني جا عملدار پڻ ان ??وقعي تي موجود ھئا.
وفاقي گھرو وزير جي چين جي سفير سان ملاقات، ڪراچي ۾ زخمي ٿيل چيني شھرين جي گھرڀاتين سان يڪجھتي جو اظھار
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات