اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوي?? حسين جي صدارت هيٺ ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سال 25-2024ع جي ڪمند جي فصل جي ڪاٿي ۽ ملڪ ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ ضرورتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ ان جي قيمتن ج?? باري ۾ تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ استحڪام برقرار رکڻ ۽ عوام کي سستي اگهه تي کنڊ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اهم فيصلا ڪ??ا ويا. وفاقي وزير سمورن صوبن کي هدايت ڪئي ته هو کنڊ جي قيمتن جي سخت نگراني ڪن ۽ ڪنهن به قسم جي هٿرادو کوٽ کي روڪڻ ل??ءِ فوري قدم کڻن. هن چيو ته کنڊ جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي. راڻا تنوي?? حسين وڌيڪ چيو ته حڪومت کنڊ جي قيمتن جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ ل??ءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکندي. هن اهو پڻ چيو ته صنعت ۽ پيداوار واري وزارت صوبن سان گڏجي کنڊ جي فراهمي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ قيمتن ۾ استحڪام لاءِ مستقل نگراني ڪندي ته جيئن عوام کي کنڊ جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوي.
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ شگر ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن