واشنگٽن -16 اپريل (اي پي پي) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر سان فرانسسڪو ۾ فلسطي?? جي حامين مظاهري دوران گولڊن گيٽ پل کي بلاڪ ڪري ڇڏيو جنه?? جي ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽريفڪ جي اچ وڃ بند رهي. اي ايف پي موجب گذريل ڏينهن سان فرانسسڪو ۾ شهرين غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت خلاف ۽ مظلوم فلسطينين جي ح??ايت ۾ مظاهرو ڪيو ۽ شهر جي مشهور پل گولڊن گيٽ برج کي بلاڪ ڪري ڇڏيو جنه?? جي ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل ره??. ف??ائي فوٽيج ۾ پل تي ٽريفڪ جي رڪيل رواني کي ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته ٻئي رخ ۾ رستا ويران ۽ پوليس جي موجودگي ڏيکاري وئي آهي. مظاهرو ڪندڙن گذريل ڏينهن فلاڊيلفيا ۾ شاهران ۽ شڪاگو جي اوهيئر عالمي ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ رستو به بند ڪري ڇڏيو جنه?? جي ڪري مسافرن کي ايئرپورٽ ڏانهن پنڌ وڃڻو پيو. هوڏانهن ڪينيڊا، اٽلي، ڏکڻ ڪوريا، ڪولمبيا ۽ بيلجيئم ۾ به اسرائيل خلاف مظاهر?? جي رٿابندي ڪئي وئي. واضح رهي ته آمريڪا ۾ احتجاج ان وقت سامهون آيا آهن جڏهن آمريڪي صدر جوبائيڊن کي پنهنجي پارٽي اندر اسرائيل جي ح??ايت جاري رکڻ تي تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو آهي. فلسطي?? جي صحت واري وزارت موجب غزه م هاڻي تائين گهٽ م گهٽ 33797 شهرين شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻار?? جي آهي.
غزه ۾ اسرائيل جي بربريت خلاف سڄي آمريڪا ۾ مظاهرا، ٽريفڪ جي آمد رفت معطل
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک