واشنگٽن -17 اپريل (اي پي پي) آمريڪي ايوان ايران تي پابندين جي قانون کي اڻڄاڻايل مدي تائين برقرار رکڻ جي حمايت ڪئي آهي. ميڊيا مطابق آمريڪي ايوان ان قانون جي حمايت ڪئي ج??هن تحت آمريڪي صدر ايراني معيشت خلاف اڻڄاڻايل مدي لاءِ سخت پابنديون لاڳو ڪري رکيون آهن. بل جي حمايت 407 قانون سازن ڪئي جڏهن ته 16 مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. هاڻي ان بل ري سينيٽ کي نظرثاني ڪرڻي پوندي. مئي 2023 ۾ پيش ڪيل اهو بل 1996 جي ايران پابندين جي ايڪٽ جي مدي کي اڻڄاڻايل قرار ڏنو. جيڪو 2026ع ۾ ختم ٿي رهيو آهي. آءِ ايس اي، ج??هن ۾ ڪانگريس ذريعي بار بار توس??ع ڪرڻي ٿي پوي، آمريڪي ايگزيڪيوٽو پاور کي ايران جي ايٽمي هٿيارن جي تياري کي روڪڻ لاءِ توانائي جي شعبي تي پابنديون لڳائڻ جي اجازت ڏئي ٿو. وقت گذرڻ سان گڏ صدارتي اختيارن ۾ توس??ع ڪئي و??ي ۽ هاڻي ان ۾ ايراني صنعت جي ٻين شعبن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جي صلاحيت به شامل آهي. ڪانگريس ان کان پهرين به ??يت??ائي ڀيرا ان ايڪٽ جي ٽائيم فريم کي ڊيگهه ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون آهن. پر اهي ڪوششون ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن مان گذرڻ ۾ ناڪام رهيون.
آمريڪي ايوان جي ايران تي پابندين واري قانون کي اڻڄاڻايل مدي تائين برقرار رکڻ جي حمايت
مضمون کا ماخذ : بونانزا