واشنگٽن _ 8 جولاءِ (اي پي پي ) ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اٿندڙ سامونڊي طوفان بيرل ڪيترن ئي ٻيٽن تي تباهي مچائڻ بعد آمريڪي رياست ٽيڪساس طرف وڌي رهيو آ??ي ۽ ان جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. آمريڪا جي نيشنل هريڪن سينٽر مطابق طوفان جي اثرهيٺ ٽيڪساس جي سامونڊي علائقن ۾ تباهي پکيڙيندڙ هوائن ۽ طوفاني سامونڊي لهرن سان گڏوگڏ 10 انچ تائين برسات ٿي سگهي ٿي. طوفان کي نظر ۾ رکندي ٽيڪساس جي وڏن بندرگاهن مان ڪجهه کي بند ڪيو ويو آهي. اختيارين سامونڊي علائقن جي رهواسين کي خبردار ڪيو آهي ته طوفا?? دوران وڏي پيماني تي بجلي جي فراهمي معطل ٿي سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ