ٽوڪيو – 9 آگسٽ (اي پي پي)جاپان جي وزيراعظم ف??مي??ڪشيدا ارضياتي سائنسدانن جي ملڪ ۾ وڏو زلزلو اچڻ جي اڳڪٿي کانپوءِ جمعي ڏينهن مرڪزي ايشيائي ملڪن جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. موسميات ک??تي جي قومي اداري (جي ايم اي) خميس ڏينهن ڏکڻ واري علائقي ۾ 7.1 جي شدت جي زلزلي سبب 8 ڄڻا زخمي ٿيڻ ??انپو??ِ ملڪ ۾ هڪ ٻئي وڏي زلزلي جي اڳڪٿي ڪئي هئي. اي ايف پي مطابق وزير اعظم ف??مي??ڪشيدا جمعي تي قازخستان، ازبڪستان ۽ منگوليا جي دوري تي روانو ٿيڻو هو. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي حيثيت سان ڪنهن امڪاني ب??را?? جي انتظام جي سڀني کان وڏي ذميواري مون تي هجڻ سبب مون فيصلو ڪيو ته مونکي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتو ملڪ ۾ ئي موجود رهڻ گهرجي. ف??مي??ڪشيدا چيو ته 2011ع ۾ 9.0 جي شدت جي هڪ وڏي زلزلي کانپوءِ تيار ڪيل هڪ نئين نظام تحت جي ايم اي طرفان پنهنجي پهرين ايڊوائيزري جاري ڪرڻ کانپوءِ عوام کي فڪرمند هجڻ گهرجي.
جاپان ۾ وڏو زلزلو اچڻ جي اڳڪٿي، وزيراعظم پاران مرڪزي ايشيائي ملڪن جو دورو ملتوي
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados