اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس، اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو لبنان ۾ فوجي ڪارروائيون فوري طور تي بند ??ري. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايليسي صدارتي محل اربع ڏينهن هڪ پڌرائي ۾ ٻڌايو ته فرانسيسي صدر ايمانويل ميڪرون ان خواهش جو اظهار ??يو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1901 تي سختي سان عملدرآمد ڪري لبنان جي خودمختاري ۽ علائقائي سلامتي کي بحال ??يو وڃي. ان سلسلي ۾ هن لبنا?? ۾ ??ڏيل قومن جي عبوري فورس (يو اين آءِ ايف آءِ ايل) سان فرانس جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايليسي صدارتي محل چيو ته فرانس ان رخ ۾ ڪم ڪندڙن سان گڏ بيٺل هوندو ۽ تمام جلد لبنان جي حمايت ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪندو. پڌرائي مطابق فرانسيسي صدر هڪ ڊگهي مدي واري حل تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ به ??يو جيڪو اسرائيل ۽ لبنان و?? ۾ ??ڏيل قومن جي تيار ڪيل عارضي سرحد بليو لائن جي ٻنهي طرفن جي آبادين جي حفاظت کي يقيني بڻائي.
اسرائيل لبنان ۾ فوجي ڪارروائيون فوري طور تي بند ڪري: فرانس
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت