گڏيل قومون -09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطي?? جي نمائندي رياض منصور اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ بعد اولهه جي ردعمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته فلسطينين تي ڪيل ظلم تي عالمي برادري خاموش تماشائي بڻيل آهي. دنيا کي ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو. سعودي خابرو اداري مطابق هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسرائيل کي دفاع جو حق ڏيڻ جي ڳالهه فلسطيني?? جي قتل عام جو لائسنس ڏيڻ جي برابر آهي. رياض منصور چيو ته سندس ملڪ اسرائيل کي انهن قدمن کان ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪيو آهي، پر عالمي برادري ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. هن چيو ته ??زه ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو اهو انهن قدمن جو نتيجو آهي ته اسرائيل کي هاڻي پنهنجو رستو تبديل ڪرڻ گهرجي. هن زور ڀريو ته اسرائيل جي ??زه جي گهيراءَ سان شهرين ج?? ڏکيائين ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اسرائيل کي ??زه جو گهيراءُ فوري طور تي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ قتل عام کي روڪڻ لاءِ اسان سان ڳالهائڻ گهرجي. هن چيو ته اسرائيل کان فلسطي?? جي عوام لاءِ عالمي تحفظ ڪٿي آهي؟ رياض منصور چيو ته جڏهن مظلوم فلسطيني آهن پوءِ عالمي برادري خاموش آهي، اسان انسان ناهيون جو اسا?? جي قتل جي اجازت ڏني وڃي ۽ اسرائيلي?? جي قتل تي ا??تر??ض ڪيو وڃي.
اسرائيل کي دفاع جو حق ڏيڻ فلسطينين جي قتل عام جو لائسنس ڏيڻ جي برابر آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت