رياض – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب ۽ ڀارت سپلاءِ چين، ماحول دوست گرين هائيڊروجن ۽ بج??ي جي نظام کي مربوط ڪرڻ بابت سهڪار جي مفاهمتي يا??دا??ت تي صحيون ڪيون آهن. عرب خابرو اداري مطابق سعودي توانائي واري وزير شهز??ده عبدالعزيز بن سلمان ۽ بجلي ۽ تجديد جوڳي توانائي بابت ڀارتي وزير راج ڪمار سنگهه مفاهمتي يا??دا??ت تي صحيون ڪيون. ڌرين وچ ۾ مفاهمتي يا??دا??ت تي صحيون وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا ۾ موسمياتي ويڪ 2023 جي موقعي تي ڪيون ويون. موسمياتي ويڪ جو اهتمام سعودي عرب گڏيل قومن جي سهڪار سان گادي واري شهر رياض ۾ ڪيو هو. مفاهمتي يا??دا??ت جو مقصد تجديد جوڳي توانائي ۽ گڏيل ماحول دوست گرين هائيڊروجن منصوبن، هنگامي حالتن ۽ انتهائي مصروف وقت ۾ بج??ي جي ڏي وٺ ۽ بج??ي جي نظام کي مربوط ڪرڻ جي سلسلي ۾ سهڪار جو جنرل فريم ورڪ تيار ڪرڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر