رياض-19 اپريل(اي پي پي)سعودي عرب گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??نس?? پاران گڏيل قومن ۾ فلسطين?? رياست جي مڪمل ميمبر شپ کي تسليم ڪرڻ واري ٺهراءَ جي ناڪامي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب ??عودي عرب جي پرڏيهي وزارت ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته گڏيل قومن ۾ فلسطين?? رياست جي مڪمل ميمبر شپ قبول ڪرڻ ۾ رڪاوٽون اسرائيلي قابض ري??ست جي مداخلت ۽ ان جي پاران عالمي قانون جي لڳاتار خلاف ورزين کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رکڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿيون. پرڏيهي وزارت عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته غزه ۾ فلسطيني شهرين تي قابض اسرائيلي حملن کي روڪڻ، فلسطيني عوام جي خود اراديت واري حق جي حمايت ۽ 1967 جي سرحدن تي مشتمل فلسطين?? رياست جي قيام جي ذميواري قبول ڪري،عرب امن فارمولي کي اڳيان وڌائي ۽ گادي واري شهر اوڀر بيت المقدس تي مشتمل فلسطين?? رياست جي قيام کي تسليم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، واضع رهي ته خميس تي سلامتي ڪ??نس?? جي اجلاس ۾ آمريڪا الجزائر پاران فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل ميمبر شپ ڏيڻ لاءِ پيش ڪيل ٺهراءَ خلاف پنهنجي ويٽو پاور جو استعمال ڪيو،سلامتي ڪ??نس?? جي 12 ميمبرن ٺهراءَ جي حمايت ڪئي جڏهن ته آمريڪا ان ٺهراءَ کي ويٽو ڪيو.
گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مستقل ميمبر شپ جي ٺهراءَ جي ناڪامي افسوس جوڳي آهي:سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز