لاهور – 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته موج??ده دور جي درپيش چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس موثر ۽ عوام دوست پوليس فورس جي فراهمي حڪومت جو هدف ۽ ترجيح آهي، هر شه??ي کي انصاف جي فراهمي اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ٿاڻن ۾ ماحول ۽ شڪايتون کڻي ايندڙن لاءِ سازگار ۽ دوستا??و هجڻ گهرجي، پوليس اسٽيشنن جي ڊجيٽلائيزيشن جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم چيو ته سڌارا ادارن ۽ کاتن کي بهتر انداز ۾ فعال بڻائڻ جي بنياد هوندا آهن?? انهن ت?? ڌيان نه ڏنو ويو ته هي ادارا بي فائدي بڻجي ويندا آهن، هن چيو ته بدقسمتي سان ملڪ جي ادارن ۾ ڪيتريون ئي مداخلتون ڪيون ويون ۽ ڪجهه ماڻهن پنهنجي مرضي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين ناڪامي ٿي.
مضمون کا ماخذ : números quina hoje